اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ايوان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، هن وزيرن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون. اجلاس ۾ اچڻ تي ميمبرن ڊسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم ايوان ۾ بلاول ڀٽو زرداري کان خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) جا ميمبر سندس سيٽ تي وڃي ملاقاتون ڪندا رهيا. ايوان ۾ موجود عورت ميمبرن جي اڪثريت وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان اويس لغاري، خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، اعظم نذير تارڙ، راڻا تنوير حسين، دانيال چوڌري، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اقليتي ميمبرن، مخالف ڌر جي ميمبر حميد حسين پڻ ملاقات ڪئي. پيپلزپارٽي جي ميمبرن شگفته جماڻي ۽ شاهده رحماني پڻ ملاقات ڪئي.