اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ ميجر معيز عباس شهيد ۽ لانس نائيڪ جبران الله شهيد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي هدايت تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف دعا ڪرائي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج فتنه الخوارج تي ڪاري ضرب هڻي رهي آهي، دشمن جي خلاف جنگ جاري آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، انشاءَ الله اها جنگ اسان کٽينداسين.