اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ تشدد جي متاثرين سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو تشدد جي خاتمي ۽ انساني وقار کي برقرار رکڻ جي پنهنجي مسلسل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، والاريل فلسطيني علائقي ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ماڻهن کي قابض طاقتن پاران بدترين تشدد ۽ ٻين ظالماڻي ۽ غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تشدد جي متاثرين جي حمايت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسلام هر انسان جي حرمت ۽ وقار کي برقرار رکي ٿو. هن چيو ته تشدد يا ظالماڻي، غيرانساني ۽ ذلت اميز سلوڪ جو ڪو به عمل انصاف، رحم ۽ همدرديءَ جي انهن قدرن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي جيڪي اسلامي تعليم جو مرڪز آهن. هن چيو ته پاڪستان انهن قدرن ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين جي رهنمائي ۾ تشدد جي خاتمي ۽ سمورن ماڻهن جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ترجمان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته احتساب کي يقيني بڻائڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان پاران قانوني سڌارن، اداراجاتي تحفظ ۽ نگراني جي طريقيڪار کي مضبوط بڻايو پيو وڃي جڏهن ته متاثرين کي طبي، قانوني ۽ نفسياتي سماجي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان کي غيرملڪي قبضي جي حالتن ۾ ڏاڍ کي هڪ تشدد جي هٿيار جي طور تي وسيع ۽ منظم استعمال تي سخت ڳڻتي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته والاريل فلسطيني علائقي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق کي دٻائڻ جي لاءِ قابض طاقتن پاران بدترين تشدد ۽ ٻئي ظالماڻي، غيرانساني ۽ ذلت آميز سلوڪ ۽ سزا جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن ان ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان جي ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته عالمي برادري انهن قابض طاقتن جي ڏوهن جي مذمت ۽ انهن جو احتساب ڪري، ان کانسواءِ انهن جي تشدد ۽ ڏاڍ جي شڪار ماڻهن جي خراب حالت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري.