ليما -16 جون (اي پي پي) ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.1 رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پيرو جي قومي زلزلي مرڪز جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته زلزلي جا لوڏا گذريل ڏينهن منجهند کان ڪجهه دير اڳ محسوس ڪيا ويا ۽ انهن جو مرڪز گادي واري شهر ليما ويجهو واقع هڪ بندرگاهه واري شهر ڪالائو کان اٽڪل 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو. نيشنل پوليس ٻڌايو ته زلزلي سبب گادي واري شهر ليما ۾ گاڏي تي ڀت ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو. ايمرجنسي آپريشن سينٽر ليما ۾ 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع ڏنو آهي.