اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) قومي ورثه ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجهيه قمر گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان جي عظيم ثقافتي ورثي ۽ تهذيبي قدرن کي تعليمي نظام ۾ اثرائتي انداز سان شامل ڪرڻ لاءِ گڏي سهڪار کي هٿي ڏيڻ هو. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن وچ ۾ گڏيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ذريعي ملڪ جي تعليمي نصاب ۾ ثقافتي موضوعن کي شامل ڪري شاگردن ۾ قومي سُڃاڻپ، تاريخ ۽ روايتن سان گهرو ناتو پيدا ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان جو ثقافتي ورثو نهايت جديد ۽ شاندار آهي، جنهن کي نئين نسل تائين منتل ڪرڻ اسان جي قومي ذميدار آهي. هن چيو ته تعليم صرف ڪتابي علم تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر اسان جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت سان جڙيل هئڻ گهرجي، اسان چاهيون ته شاگرد پاڪستان جي سُڃاڻپ کي سمجهن ۽ ان تي فخر ڪن. ملاقات دوران ڳالهائيندي اورنگزيب خان کچي چيو ته ثقافت ڪنهن به قوم لاءِ روح هوندي آهي ۽ جڏهن اسان ان کي تعليم سان جوڙيون ٿا ته اسان هڪ باشعور ۽ مضبوط قوم جو بنياد رکون ٿا، اسان جي وزارت هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي ته جيئن تعليمي ادارن ۾ قومي ورثه ۽ ثقافتي قدرن کي اثرائتي انداز ۾ شامل ڪري سگهجي.