اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ايف بي آر ريويو ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ ايف بي آر جي جاري قانوني ڪاررواين ۽ ڪيسن ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. وزارت جي ترجمان مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي هدايتن مطابق ترجيحي بنيادن تي ڪيل فيصلن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي وزير ايف بي آر ۽ لاڳاپيل قانوني ٽيم کي ايندڙ لائحه عمل جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪيون ته جيئن روينيو بابت ڪيسن کي اثرائتي انداز ۾ منتقي انجام تائين پهچائي سگهجي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته اٽارني جنرل آفيس ايف بي آر جي ليگل ونگ کي مسلسل قانوني معاونت فراهم ڪري رهي آهي، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. گذريل 3 مهينن دوران ايف بي آر مختلف ڪيسن ۾ اٽڪل 112 ارب رپين جي ريڪوري ممڪن بنائي، جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته انهن قدمن سان نه صرف قانوني نظام ۾ بهتري ايندي پر مالياتي استحڪام ۾ به مدد ملندي.