اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مئي 2025ع دوران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو پاڪستان حڪومت جي معاشي پاليسين تي سمنڊ پار پاڪستانين جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي جي مد ۾ 34.9 ارب آمريڪي ڊالرز مليا جيڪي گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 28.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن، مئي 2025ع دوران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 3.7 ارب آمريڪي ڊالرز مليا جيڪي گذريل سال مئي جي ڀيٽ ۾ 13.7 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو پاڪستان حڪومت جي معاشي پاليسين تي سمنڊ پار پاڪستانين جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي، حڪومت جا معاشي قدم ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ عوام دوست بجيٽ ملڪ جي روشن مستقبل جي نويد آهن. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.