اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته سمورن ماتحت ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار انتهائي ضروري آهي، سمورا ادارا هڪ ٻئي جي ڪارڪردگي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪن، تربيتي ڪورسز ۾ صرف ميرٽ تي پورو لهندڙ آفيسرن کي نامزد ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ هڪ اهم اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزارت جي سمورن ماتحت ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران گهرو وزارت جي سمورن ماتحت ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سمورن ماتحت ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار انتهائي ضروري آهي. سمورا ادارا هڪٻئي جي ڪارڪردگي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪن. محسن نقوي چيو ته انفارميشن ۽ ڊيٽا جي وقت تي مٽاسٽا انتهائي اهم آهي. مختلف ادارن جي پرڏيهي ملڪن جي سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن وزارت جي ٻين ادارن کي پڻ مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. محسن نقوي چيو ته سمورن ادارن جي افرادي سگهه مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو. گڏيل ڪو آرڊينيشن بهتر ٿيڻ سان عوام سان گڏ حڪومت کي به فائدو پهچندو. گهرو وزير هدايت ڪئي ته تربيتي ڪورسن ۾ صرف ميرٽ تي پورو لهندڙ آفيسر نامزد ڪيا ويندا ته جيئن لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن ادارن کي ان سلسلي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري سفارشن کي نظر ۾ رکندي جامع پلان تيار ڪندو. اجلاس ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽريز، نادرا، اينٽي نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ايف آءِ اي، فرنٽيئر ڪور، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري، رينجرز ، نيشنل پوليس اڪيڊمي، نيشنل پوليس بيورو، پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ اسلام آباد پوليس سربراهن شرڪت ڪئي.