اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن پاڪ برطانيا ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.