پيرس -11 جون (اي پي پي) اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم ايهود اولمرٽ غزه ۾ جاري جنگ کي سنگين ڏوهه قرار ڏيندي زور ڀريو آهي، ته ٻه رياستي حل ئي اهو تڪرار ختم ڪرائڻ جو واحد رستو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ايهود اولمرٽ 2006ع کان 2009ع تائين اسرائيل جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، گذريل ڏينهن پيرس ۾ هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٻڌائي ته بس هاڻي گهڻو ٿي چڪو آهي، هن ان موقعي تي غزه جنگ جاري رکڻ کي ڏوهه قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان تڪرار جو واحد رستو ٻه رياستي حل آهي، هن چيو ته آمريڪا جو اسرائيل جي حڪومت تي اثر رسوخ آهي، اهو ٻين سمورن طاقتن جي مجموعي اثر رسوخ کان وڌيڪ آهي ۽ اهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرق پيدا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بينجمن نيتن ياهو هڪ اڳواڻ طور آڪٽوبر 2023ع جو حملو روڪڻ ۾ ناڪام رهيو، هن چيو ته آمريڪي صدر کي گهرجي ته هو اسرائيلي وزيراعظم کي وائيٽ هائوس ۾ گهرائي ۽ ڪيمرا سامهون چئي ته هاڻي بس گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. مون کي اميد آهي ته ٽرمپ ايئن ڪندو. اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي جيڪا ٽرمپ نه ڪري سگهي. واضح رهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ وارن تبصرن بابت نيويارڪ ۾ هلندڙ مهيني هڪ اجلاس ٿيڻ وارو آهي.