صنعا-11جون (اي پي پي) سعودي عرب جي انساني خدمتن واري شاهه سلمان مرڪز جي انساني خدمتن جي جاري منصوبي مسام تحت هلندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ يمن جي مختلف علائقن ۾ هڪ هزار 139 ڌماڪيدار سرنگون ۽ ڦاٽڻ کان بچي ويل ڌماڪيدار مادي کي ناڪاره بڻايو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عدن. لاحديده ، طور الباحه ، المضاربه، ذباب ، شبوه جي علائقي عسيلان ۽ بيجان وارن علائقن ۾ ڌماڪيدار سرنگن ۽ ڦاٽڻ کان بچي ويل ڌماڪيدار مادن کي ناڪاره بڻايو ويو . واضع رهي ته يمن ۾ هن وقت تائين 4 لک 98 هزار 683 ڌماڪيدار سرنگن کي ناڪاره بڻايو ويو آهي جيڪي يمن جي شهرين خاص ڪري ٻارن ، عورتن ۽ بزرگن جي حياتين کي شديد خطري ۾ وجهڻ لاءِ بي ترتيب طريقي سان وڇايون ويون هيون. سعودي عرب مسام منصوبي ذريعي يمن جي زمين کي ڌماڪيدار سرنگن کان پاڪ ڪرڻ ۽ اتان جي عوام کي محفوظ ۽ باوقار زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن .