اوسلو – 11 جون (اي پي پي ) سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان گذريل ڏينهن اوسلو انٽر نيشنل فورم ۾ شرڪت لاءِ ناروي پهچي ويو. سرڪاري خابرو اداري مطابق فورم ناروي جي پرڏيهي وزارت ۽ سوئٽرزرلينڊ ۾ سينٽر فار هيومينٽرين ڊائيلاگ جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو آهي . شهزاده فيصل بن فرحان فورم دوران ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ، مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ڌار ملاقاتون به ڪندو . اوسلو انٽر نيشنل فورم ۾ ڪيترن ملڪن جا وزير ۽ اڳواڻ شرڪت ڪري رهيا آهن .