اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) حڪومت ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت گهرو ڊويزن جي 3 نون ۽ 15 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور مجموعي طور 12 ارب 90 ڪروڙ 84 لک 44 هزار روپين جا فنڊز رکيا ويا. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن مطابق حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ گهرو ڊويزن جي 3 اسڪيمن کي شامل ڪيو آهي. جن ۾ سيف سٽي اسلام آباد جي واڌ لاءِ 3 ارب روپيا، اسلام آباد انفراسٽرڪچر لاءِ 2 ارب روپيا، اين ايف اي لاءِ ڪنورشنل فرانزڪ سهوليت جي عالمي معيار مطابق تعمير جي مقصد لاءِ 10 ڪروڙ روپيا رکيا آهن. پي ايس ڊي پي ۾ 15 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 78 ارب 84 ڪروڙ 44 لک روپيا رکيا آهن. 15 جاري منصوبن ۾ اسلام آباد سيڪٽر ايڇ 16 ۾ ماڊل جيل جي تعمير واري منصوبي لاءِ هڪ ارب 18 ڪروڙ 9 لک 51 روپيا رکيا آهن. جن تي لاڳت جو ڪاٿو 7 ارب 49 ڪروڙ 90 لک روپيا رکيا ويا آهن ۽ هن وقت تائين منصوبي تي 3 ارب 59 ڪروڙ 13 لک روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو آهي. ٻين جاري اسڪيمن ۾ سنڌ صوبي ۾ 13 ريجنل پاسپورٽ آفيسن جي تعمير، اسلام آباد پوليس لاءِ چينج مينجمينٽ يونٽ جي ڪيمپ قائم ڪرڻ، مربوط باڊر مينيجمينٽ سسٽم فيز 2 جي تعمير، نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قائم ميٽرو بس اسٽيشن جي پيشيواراڻي معاملن جي مرمت جو منصوبو، پاسپورٽ ايپليڪيشن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق جي اپگرڊيشن، پرڏيهي شهرين جي سيڪويرٽي ۽ لاڳاپيل سهولتن جي فراهمي، نيشنل پوليس اسپتال جي تعمير، اسلام آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ برسات جي پاڻي تي پوکائي جي مقصد لاءِ استعمال منصوبا، سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جي تعمير جي 3 منصوبن، اسلام آباد ڊولپمينٽ پئڪيج، لينڊ روينيو اسلام آباد رولز فيز 2 جي انتظامي نظام، نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي جو ماڊل مرڪز قائم ڪرڻ، نادرا جي ٽئين مرحلي جي ڊجيٽل اڪانامي توسيع منصوبو شامل آهي. انهن سمورن جاري منصوبن لاءِ لاڳت جو ڪاٿو 40 ارب 73 ڪروڙ 61 لک 82 هزار روپيا لڳايو ويو آهي جن مان هن وقت تائين 14 ارب 54 ڪروڙ 51 لک رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.