اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 26-2025ع ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي جاري 24 منصوبن لاءِ 4792 ملين روپيا رکيا ويا آهن جن جا مقصد ملڪ جي سائنسي انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ ۽ اهم شعبن م ٽيڪنيڪي جدت کي هٿي ڏيڻ آهي. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن مطابق پي سي ايس آءِ آر ۾ تحقيق، ترقي ۽ ٻين پروگرامن لاءِ 850 ملين روپيا رکيا ويا آهن جيڪي ملڪي صنعتي تحقيق کي هٿي ڏيڻ تي حڪومت جي توجهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هي فليگ شپ پروگرام مختلف سائنسي ڊومينز ۾ پروڊڪٽ جي ترقي، ڪمرشلائيزيشن ۽ لاڳو تحقيق کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڊيزائين ڪيو آهي. دوائن ۽ صنعتي ڀنگ جي پوکائي، پروسيسنگ، جاچ ۽ مصنوعات جي ترقي لاءِ سهولتن جي قيام (پي سي ايس آءِ آر ۽ ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي) لاءِ 380 ملين روپيا رکيا ويا آهن. 350 ملين روپين جي ذڪر جوڳي رقم پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري جي اپ گريڊيشن لاءِ رکي وئي آهي جنهن ۾ نمائشن کي جديد بڻائڻ ۽ تحقيق جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. حياتياتي ايجنٽنس جي جين ايڊيٽنگ لاءِ 338 ملين رکيا ويا آهن جيڪي نيوٽريشنل بائيو ڪيميڪل ۽ ٿيراپيوٽيڪل مقصد لاءِ آهي. نظرثاني ٿيل ڪوالٽي سيڊ پروڊڪشن اينڊ سپلاءِ فار فوڊ سيڪيورٽي پروجيڪٽ لاءِ 250 ملين روپيا رکيا ويا آهن، جيڪي زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۽ ڊگهي مدي جي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جڏهن ته 250 ملين روپيا رکيا ويا آهن. پي سي ايس آءِ آر جي ڊجيٽل تبديلي، مضبوطي ۽ آٽوميشن لاءِ 245 ملين رپيا رکيا ويا آهن. انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ نيشنل سينٽر آف فيليئر ايناليسز جي قيام لاءِ 217 ملين رپيا خرچ ڪيا ويندا. بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ميڊيڪل ڪينابيس گرين هائوسز ۽ نيشنل ايناليٽيڪل ليبارٽري لاءِ 200.194 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪي دوائن جي تحقيق ۽ ڪنٽرول ٿيل پوکائي ۾ مدد ڪن ٿا. نسٽ جي منصوبن چپ ڊيزائن سينٽر جي قيام، ڪمپيوٽر ڪنٽرولڊ فرمينٽرز جي ترقي ۽ بائيو ڪيميڪلز ۽ بائيو پروڊڪٽس جي تياري ۽ ريسرچ کان سواءِ امپورٽ متبادل ايڪٽيوفار ماسيوٽيڪل جزن لاءِ تحقيق، ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبن مان هر منصوبي لاءِ 200 ملين روپيا رکيا ويا آهن، انهن منصوبن لاءِ رقم رکڻ بائيوٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل، زراعت، مٽيريئل سائنس ۽ اليڪٽرانڪس ۾ تحقيق کي اڳيان وڌائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. اميد آهي ته انهن قدمن سان پاڪستان کي امپورٽ تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي، جدت کي هٿي وٺائڻ ۽ ملڪ جي فني صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو.