اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي 129 جاري ۽ 12 نون منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 39488 ملين روپيا رکيا ويا آهن. جنهن مان 129 جاري منصوبن لاءِ 38488 ملين روپيا جڏهن ته 12 نون منصوبن لاءِ 1000 ملين روپيا رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي مطابق مختلف ملڪن سان گڏ ايڇ اي سي جي گڏيل معاهدن تحت اڪيڊمڪ ۽ ريسرچ رابطن لاءِ 60 ملين روپيا، يونيورسٽيز جي سي پيڪ ڪنسورشيم تحت اڪيڊمڪ تعاون لاءِ 200 ملين روپيا، افغان شاگردن کي علامه محمد اقبال جي 3000 وظيفن لاءِ 500 ملين روپيا، گوادر جي شاگردن کي ايڇ اي سي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ لاءِ 18 ملين روپيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي تعمير لاءِ 200 ملين روپيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪراچي ۾ هاسٽل ۽ اڪيڊمڪ بلاڪ جي تعمير لاءِ 100 ملين روپيا، خوشحال خان خٽڪ يونيورسٽي ڪرڪ جي مين ڪيمپس جي تعمير لاءِ 10 ملين روپيا، قائد عوام يونيورسٽي (ڪئيسٽ) نوابشاهه ۾ ٻن نون شعبن سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ انوائرنمينٽل انجنيئرنگ لاءِ ضروري سهولتن جي تعمير لاءِ 100 ملين روپيا، بولان يونيورسٽي هيلٿ سائنسز ڪوئٽا جي ترقي ۽ توسيع لاءِ 500 ملين روپيا، لسٻيلا يونيورسٽي آف ڪلچر جي ترقي لاءِ 350 ملين روپيا، باچا خان يونيورسٽي چارسده جي مين ڪيمپس جي ترقي لاءِ 250 ملين روپيا، نسٽ راولپنڊي جي ترقي لاءِ 500 ملين روپيا، بونير يونيورسٽي سوات جي ترقي لاءِ 244 ملين روپيا، ساهيوال يونيورسٽي جي ترقي لاءِ 200 ملين روپيا، آزاد ڪشمير ويمن يونيورسٽي باغ جي قيام لاءِ 300 ملين روپيا، فاٽا يونيورسٽي جي قيام لاءِ 65 ملين روپيا، فيڊرل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد سنڌ جي قيام لاءِ 150 ملين روپيا، بلوچستان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي خضدار ۾ چئن نون شعبن جي قيام لاءِ 300 ملين روپيا، ڪامياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ يوٿ اولمپڪس ايڇ اي سي جي قيام لاءِ 611 ملين روپيا، گورنمينٽ ڪاليج ويمن يونيورسٽي فيصل آباد جي نئين ڪيمپس جي قيام لاءِ 200 ملين روپيا، نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي نئين ڪيمپس جي قيام لاءِ 200 ملين روپيا، نثار احمد صديقي ٽيڪنالاجي پارڪ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي قيام لاءِ 100 ملين روپيا، ايگريڪلچر يونيورسٽي پشاور ۾ ٽيڪنالاجي ڊولپمينٽ سينٽر جي قيام لاءِ 727 ملين روپيا، ڊيره مراد جمالي ۾ يونيورسٽي ڪاليج جي قيام لاءِ 329 ملين روپيا، يونيورسٽي ڪاليج زوب جي قيام لاءِ 350 ملين روپيا، يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي قيام لاءِ 558 ملين روپيا، يونيورسٽي آف تربت جي قيام لاءِ 300 ملين روپيا، پاڪستاني يونيورسٽين جي فيڪلٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 500 ملين روپيا، ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڪيڊمڪ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 300 ملين روپيا، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي سب ڪيمپس لاهور ۾ انوويشن سينٽر ۽ سافٽ ويئر پارڪ لاءِ 400 ملين روپيا، ايڇ اي سي جي مختص ڪيل شعبن ۾ ايم ايس، ايم فل، ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي، اوورسيز اسڪالرشپس لاءِ 2300 ملين روپيا، پاڪ يو ڪي ايجوڪيشن گيٽ وي ايڇ اي سي لاءِ 417 ملين روپيا، پاڪستان سريلنڪا اعليٰ تعليمي تعاون پروگرام لاءِ 280 ملين روپيا، پاڪستان آمريڪا ناليج ڪوريڊور تحت پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ پروگرام لاءِ 3670 ملين روپيا، ٻارن جي غذائيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪ ڪوريا نيوٽريشن سينٽر جي قيام لاءِ 800 ملين روپيا، نارو وال ۾ نيشنل اسپورٽس سٽي جي قيام لاءِ 750 ملين روپيا، يونيورسٽي آف گوادر جي قيام لاءِ 500 ملين روپيا، هائر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ پروگرام پاسڪتان لاءِ 2713 ملين روپيا ۽ يونيورسٽي آف پونڇ راولاڪوٽ جي ڇوٽاگلا ڪيمپس جي رهيل ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 1500 ملين روپين جا فنڊز رکيا ويا آهن جڏهن ته نون منصوبن ۾ بنگلاديش، ازبڪستان ۽ ٻين دوست ملڪن جي شاگردن لاءِ علامه محمد اقبال اسڪالرشپس پروگرام لاءِ 50 ملين روپيا، ايمرسن يونيورسٽي ملتان جي نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جي تعمير لاءِ 50 ملين روپيا، يونيورسٽي آف اوڪاڙه جي ترقي لاءِ 50 ملين روپيا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آَ فيشن ڊيزائن ڪراچي ۾ ڪيمپس جي تعمير لاءِ 100 ملين روپيا، نيشنل انسٽيٽيوٽ آَ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي راجن پور جي قيام لاءِ 50 ملين روپيا، اين سي اي ڪراچي ڪيمپس جي قيام لاءِ 100 ملين روپيا، يو اي ٽي لاهور ۽ سب ڪيمپسز ۾ هاسٽلز لاءِ 100 ملين روپيا، پاڪ آمريڪا ايجوڪيشن گيٽ وي فيز ٽو لاءِ 50 ملينر وپيا، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ مختلف معذوري جي شڪار شاگردن لاءِ وزيراعظم اسڪيم تحت ويل چيئرز، نابينا شاگردن لاءِ ليپ ٽاپس، آڊيو ويڊيو ويزول ڊوائسز لاءِ 50 ملين روپيا، مظفر ڳڙهه ۾ يونيورسٽي ڪيمپس لاءِ 150 ملينر وپيا، يو وي اي ايس پتوڪي ڪيمپس لاءِ 150 ملين روپيا ۽ بحريه يونيورسٽي لاهور ڪيمپس ۾ اڪيڊمڪ ۽ ريسرچ پروگرامن لاءِ 100 ملين روپين جا فنڊز رکيا ويا آهن.