اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)اڏام پاڪستان پروگرام تحت 2035ع تائين قومي معيشت کي ٽرلين ڊالرز جي معيشت ۾ بدلائڻ لاءِ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي اوسر واري شرح جو هدف 6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران قومي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 63 ارب ڊالرن تائين وڌايو ويندو. ڪالهه جاري ڪيل پلان موجب وفاقي حڪومت ناڻي واڌ جي شرح کي 6 سيڪڙو تائين محدود رکڻ ۽ گرين هائوس گئسز خارج ڪرڻ ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي سان گڏوگڏ غربت ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف مقرر ڪيو آهي. پاڪستان اڪنامڪ آئوٽ لڪ مالي سال26-2025ع تحت زرعي ۽ صنعتي شعبن جي بحالي ۽ ترقي سان گڏوگڏ توانائي تائين رسائي کي يقيني بڻايو ويندو. اڏام پاڪستان پروگرام تحت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، پنجن سالن واري 13 هين منصوبي ۾ حقيقت تي ٻڌل هدف مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن پائيدار ترقي، موسمياتي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي شعبي جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.