اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ملڪ جي 26 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. اقتصادي سروي رپورٽ موجب پاڪستان جي مجموعي آبادي مان 26 سيڪڙو ماڻهن جي عمر15 کان 29 سالن وچ ۾ آهي. اهڙي طرح ملڪ جي افرادي قوت جي 53.8 سيڪڙو حصو جي عمر 15 کان 59 سالن وچ ۾ آهي. واضح رهي ته ستين قومي آدمشماري جي رپورٽ موجب پاڪستان جي مجموعي آبادي 241.5 ملين ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي ۾ اضافي جي شرح 2.55 سيڪڙو آهي.