اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) 77 ملين ڊالر سان شروع ڪيل ري چارج پاڪستان پراجيڪٽ سان ملڪ ۾ ايڪو سسٽم جي بحالي ۾ مدد ملي آهي. اقتصادي سروي موجب ري چارج پاڪستان پراجيڪٽ سيپٽمبر 2024ع ۾ 77 ملين جي بجيٽ سان شروع ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد موثر ايڪو سسٽم جي لاڳو سان فلڊ مئنيجمينٽ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي سميت پاڻي وسيلن جي پائيدار ترقي آهي. اهو قدم روزگار جا ڪيترائي نوان موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻي وسيلن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. وڌيڪ اهو ته ري چارج پاڪستان پراجيڪٽ سان ڊگهي مدي جي لاءِ ماحولياتي استحڪام ۽ ايڪو ٽوئرازم جي شعبي ۾ پڻ مدد ملندي.