لاهور-08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ پرمسرت موقعي تي کيس ۽ ترڪي جي برادر عوام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي استنبول ۽ لاچين جي تازي دوري دوران ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪ ڀارت بحران دوران ترڪيه طرفان پاڪستان جي مضبوط ۽ پختي حمايت تي صدر اردوان جو هڪ دفعو ٻيهر شڪريو ادا ڪيو. ان قدم پاڪستانين جي دل کٽي ورتي ۽ پاڪ ترڪ ڀائيچاري جي تاريخ ۾ هڪ ٻئي شاندار باب جو اضاف ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي گذريل ملاقاتن دوران ڪيل اهم فيصلن تي تيزي سان عملدرآمد تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن بنيادي مفادن تي هڪٻئي جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، ان سان ٻطرفي تعاون خاص ڪري واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي اڳواڻن بنيادي مفادن تي هڪٻئي جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن غزه جي صورتحال سميت تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر اردوان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي نيڪ خواهشن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ به خير خواهي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن سمورن اهم معاملن ۾ پاڪستان لاءِ ترڪيه جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.