اسلام آباد-08 جون (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار مربوط قومي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريندي پاڻي جي وڌندڙ چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فعال منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرن جي تعمير جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. آبي وسيلن واري وفاقي وزير، منصوبابندي، ناڻو، قانون ۽ انصاف، بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار، اقتصادي معاملن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري، آبي وسيلا، ڪابينا سيڪريٽريٽ، ناڻو، منصوبابندي، ايف بي آر چيئرمين، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي وڏن ذخيرن جي تعمير کي تيز ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪميٽي اثرائتن وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي جي بنيادي ڍانچي جي منصوبابندي لاءِ سفارشون پيش ڪيون.