مڪه مڪرمه – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، ان موقعي تي ان جي لاءِ خانه ڪعبه جو دروازو خصوصي طور تي کوليو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي آهي جتي هن خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات عمري جي ادائيگي ڪئي. پاڪستاني وفد جي لاءِ خانه ڪعبه جو دروازو خصوصي طور تي کوليو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وفد سان گڏ خانه ڪعبه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ بُنيان مرصوص جي عظيم فتح تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. هنن پاڪستان جي معاشي ميدان ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان تازي ڪاميابين تي الله رب العزت جو شڪر ادا ڪندي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ مسلمان امت خاص طور تي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميري ۽ فلسطيني مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.