مڪه مڪرمه – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي سينيٽر ۽ وفاقي وزير عباس آفريدي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم عباس آفريدي جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي.