اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان 5 جون 2025ع تي بيروت ۽ لبنان جي ڏاکڻي علائقن تي اسرائيلي فوج جي فضائي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شروع ڪيل اهي حملا عالمي قانون، لبنان جي خودمختياري ۽ 24 نومبر جي جنگبندي جي معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته طاقت جو لاپرواهي سان استعمال شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ، علائقائي عدم استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪار آهي. پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ لبنان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ جنگبندي جي ثالثن تي زور ڏيندي چيو ته اسرائيلي قابض فوج کي جوابده قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ ڇڪتاڻ ۾ اضافو روڪڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪستان امن، انصاف ۽ عالمي قانون جي اصولن جي لاءِ پرعزم آهي.