اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته موجوده جديد دور جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي نيشنل سائبر ڪرائمز انوسٽيگيشن اداري (اين سي سي آءِ اي) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، سائبر ڪرائمز جي روڪٿام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر جو اثرائتو استعمال ضروري آهي. نيشنل ڪرائمز انوسٽيگيشن اداري جي هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير محسن نقوي، اداري جي هيلپ لائن سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪندي جدت پسندي کي ساراهيو. هن، هيلپ لائن سينٽر، فرانزڪ ليب، نيٽ ورڪ سيڪيورٽي ڊيپارٽمنٽ سميت مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته اين سي سي آءِ اي جي هيلپ لائن مڪمل فعال آهي، شهري سائبر ڪرائم سان لاڳاپيل شڪايت لاءِ 1799 تي ڪال ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير، لاڳاپيل آفيسرن کي سائبر ڪرائمز بابت شڪايتن جي جلد ازالي جي هدايت ڪندي چيو ته آرٽيفشل انٽيليجنس جي دور ۾ اين سي سي آءِ اي جهڙن ادارن جي ضرورت اڳ کان گهڻي وڌي وئي آهي. محسن نقوي چيو ته موجوده جديد دور جي تقاضن کي نظر ۾ رکندي اين سي سي آءِ اي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، سائبر ڪرائمز جي روڪٿام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر جو اثرائتو استعمال ضروري آهي، بنا شڪ هڪ نئون ادارو آهي، جيڪو رات ڏينهن محنت ڪري ان اداري کي موثر بڻائڻ آهي، اداري لاءِ نه صرف باصلاحيت عملي جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون پر انهن کي سموريون ضروري سهولتون به ڏيڻون پونديون. گهرو وزير، اين سي سي آءِ اي هيڊڪوارٽر جي عمارت کي اپ گريڊيشن جو پلان طلب ڪري ورتو آهي ۽ اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. گهرو وزير، اين سي سي آءِ اي جي نئين لوگو ۽ جهنڊي جي منظوري به ڏني. هن، اين سي سي آءِ اي تحت نيشنل سائبر اسڪائوٽس پروگرام کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي به منظوري ڏني ۽ چيو ته ان پروگرام تحت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي سائبر ڪرائمز سان لاڳاپيل آگاهي ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي. اين سي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل وقار الدين سيد، اداري جي معاملن بابت وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري، سيڪرٽري خرم آغا ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.