اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ پاڪستان لاءِ اهميت رکي ٿي. ايس سي او علائقائي تعاون ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو اثرائتو پليٽ فارم آهي، ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صلاحيت وڌائڻ جي پروگرامن جا موقعا وڌائڻ جي تجويز سٺو سنئوڻ آهي. هن اها ڳالهه چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ منعقد ايس سي او ميمبر ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن ۽ مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جي اجلاس جي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ناڻي واري وزير اهم اجلاس جي ميزباني تي عوامي جمهوريه چين جي حڪومت جو ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير چيو ته سندس خواهش هئي ته هو اجلاس ۾ پاڻ شريڪ ٿئي پر جيئن ته پاڪستان ۾ ساليانو بجيٽ سيزن جاري هو، جنهن ڪري هو شرڪت ڪري نه سگهيو. ناڻي واري وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ تنظيم کي علائقائي تعاون ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جو اثرائتو پليٽ فارم قرار ڏنو. هن ايس سي او جي منشور ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ جي اصولن تحت علائقائي تعاون کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير خطي جي ترقيءَ لاءِ موقعا ڳولڻ ۾ ايس سي او جي سرگرمين کي ساراهيو ۽ ايس سي او جي دائره ڪار ۾ معاشي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پاڪستان جو عزم ورجايو. هن تنظيم، علائقائي استحڪام ۽ خوشحاليءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ مالياتي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ ايس سي او جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صلاحيت وڌائڻ جي پروگرامن جا موقعا وڌائڻ جي تجويز جي به حمايت ڪئي. وفاقي وزير ڊجيٽل معيشت ۽ مالي شموليت جي اهميت جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڀرپور استعمال کي اجاگر ڪيو. هن معاشي ترقي ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ ڊجيٽل رابطن کي بهتر بنائڻ جي قدمن جي حمايت ڪئي. هن ايس سي او ڊولپمينٽ بئنڪ جي قيام جي منصوبي جي به حمايت ڪئي ۽ ان کي ميمبر ملڪن وچ ۾ ترقي ۽ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ، انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي ۽ علائقائي رابطن ۽ معاشي هم آهنگيءَ لاءِ اهم قرار ڏنو. هن بئنڪ جي قيام جي فني پهلوئن جي حوالي سان پاڪستان جي نڪته نظر کي اجاگر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ڄاڻايل بئنڪ جدت، ڊجيٽل فنانس، فن ٽيڪ ساليوشنز ۽ ماحول دوست مالياتي طريقن کي پنهنجي بنيادي سرگرميءَ جو حصو بنائيندي. هن ايس سي او نيٽ ورڪ آف فنانشل ٿنڪ ٽينڪس جي فعاليت جي تجويز جي به آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي مالياتي تعاون جي ميدان ۾ تحقيق، تجزين ۽ مستقبل جي منصوبا بنديءَ لاءِ بهترين پليٽ فارم ثابت ٿيندو. پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان طرفان ايس سي او پليٽ فارم هيٺ معاشي تعاون وڌائڻ ۽ خطي ۾ معاشي خوشحالي، استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ سهڪار ۽ گڏيل مفادن کي سامهون رکڻ جو عزم ورجايو. هن پاڪستان ۾ نمايان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ پائيدار ۽ جامع معاشي ترقيءَ جو مضبوط بنياد رکڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪيل سڌارن خاص ڪري مالي نظم و ضبط، اهم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي، ڪرنسيءَ جي اگهه ۾ استحڪام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو وڌڻ جو به ذڪر ڪيو. ان کان اڳ اجلاس کي خطاب ڪندي چين جي ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي ترقيءَ کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي ڪامياب حاصل ٿيڻ ۽ سڌارن واري ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت کي مبارڪ ڏني.