اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه خميس ڏينهن ادا ڪيو ويندو، هڪ لک 15 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج پانڌيئڙن سميت لکين مسلمان حج جو فرض ادا ڪندا، منيٰ ۾ خيما وسندي آباد ٿي چڪي آهي، مڪه مڪرمه ۾ رهندڙ سڄي دنيا مان آيل سمورن حج پانڌيئڙا (اڄ) اربع ڏينهن تي منيٰ روانو ٿيندا، منيٰ ۾ هڪ ڏينهن قيام کانپوءِ خميس ڏينهن 9 ذوالحج تي حج جي فرض ادائيگيءَ لاءِ فجر نماز کانپوءِ عرفات جي ميدان وٽ پهچندا، مسجد نمريٰ ۾ حج جو خطبو ٻُڌندا، جنهن کانپوءِ ٻنپهر ۽ ٽيپهري نمازون گڏ ادا ڪندا. ٽيپهري ۽ سانجهي نماز وچ ۾ وقوف عرفه هوندو جنهن ۾ حاجي سڳورا، الله رب العزت جي حضور ٻاڏائي دُعائون گُهرندا. سج لهڻ سان ئي سانجهي نماز ادا ڪرڻ بنا حاجي مزدلفه روانا ٿيندا جتي هو سانجهي ۽ سومهڻي جون نمازون گڏ ادا ڪندا، رات کُليل آسمان هيٺان قيام ڪرڻ کانپوءِ فجر نماز ادا ڪندا ۽ سج نِڪرڻ سان ئي منيٰ ۾ پنهنجن خيمن طرف واپس موٽندا، پهرين ڏينهن شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد ٺوڙ ڪرائيندا ۽ احرام کولي ڇڏيندا. اهڙيءَ طرح ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿرين هڻڻ جو سلسلو جاري رهندو، اهڙيءَ طرح حاجي سڳوار طواف لاءِ مسجد الحرام ويندا. ٽئين ڏينهن شيطان کي پٿريون هڻڻ کانپوءِ حاجي مڪه مڪرمه ۾ پنهنجي رهائشگاهه طرف موٽي ويندا.