اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معرڪه حق جي تاريخي فتح کانپوءِ ملڪي ادارن ۾ پائيدار سڌارن جي ذريعي ملڪ کي هڪ مستحڪم عالمي معيشت بڻائڻ جي جدوجهد ۾ فتح ماڻڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف بي آر ۾ جاري قدمن ۽ سڌارن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معرڪه حق جي تاريخي فتح کانپوءِ ملڪي ادارن ۾ پائيدار سڌارن جي ذريعي پاڪستان کي هڪ مستحڪم عالمي معيشت بڻائڻ جي جدوجهد ۾ فتح ماڻڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، سمورن شعبن ۾ اداراجاتي سڌارا تيزي سان جاري آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪي ادارن مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ شفافيت جي عدم موجودگي جهڙين ٻين خامين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جا سمورا ادارا اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن، تازا مثبت انگ اکر حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ جو واضح ثبوت آهن. وزيراعظم فيس ليس ڪسٽمز ايسسمنٽ سسٽم جي تازي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته شفافيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ آندل فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم جهڙن سڌارن جا حوصلي جوڳا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي ان جدوجهد ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين. اجلاس ۾ وزيراعظم کي فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ جي تازي ڪارڪردگي ۽ پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ (پرال) ۾ سڌارن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم جي لاڳو سان اوڳاڙين ۾ مجموعي طور تي اضافو ٿيو آهي ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي عرصي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي، پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عام صارفين جي لاءِ آسان ڊيجيٽل ٽيڪس ريٽرن جو نظام جلد لاڳو ڪيو ويندو، عام صارفين جي سهولت لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪس ريٽرن جي نظام کي اردو ۽ ٻين مقامي زبانن ۾ متعارف ڪرڻ جي عمل تي ڪم تيزي سان جاري آهي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.