اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي جي قيادت ۾ پاڪستان جو وفد 2 کان 4 جون تائين ماسڪو جو دورو ڪندو. پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفدن جي دورن بابت ميڊيا جي سوالن جي حوالي سان ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اعليٰ سطح جا پاڪستاني وفد جون ۾ اهم گادي وارن شهرن بشمول ماسڪو ۾ عملدارن سان ملاقات ڪندا ته جيئن تازي ڀارتي جارحيت ۽ پاڪستان جي ذميواراڻي طرز عمل تي پاڪستان جو موقف پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي 2 کان 4 جون تائين ماسڪو ۾ وفد جي قيادت ڪندو. دوري جي دوران هو سينيئر روسي عملدارن ملاقات ڪندو ۽ ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو.