ڪراچي-02 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پهرين وومين بينڪ، وومين پوليس اسٽيشن ۽ بي زمين عورت هارين کي زمين ڏيڻ جهڙا تاريخي قدم کنيا. اهڙو اظهار هن ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ مشھور عالمي فوڊ چين، ڪي ايف سي ۾ مفاھمتي يادداشت نامي تي صحيحن جي تقريب دوران ڪيو. مفاھمتي يادداشت نامي تحت، سنڌ سرڪار ڪي ايف سي جي سھڪار سان، سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ عورتن کي اسڪوٽي هلائڻ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪندي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جو سڀ کان وڏو انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، جنهن تحت لکين عورتن کي مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي جي دور ۾ عورتن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تازو ئي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل 21 لک گهرن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ انهن گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا پيا وڃن. هي دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنڪ بس پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون صرف عورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبو هو، جنهن کي عالمي ميڊيا ساراهيو. هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته عورتن کي مفت پنڪ اي وي اسڪوٽيون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي وڌيڪ خود مختيار ٿي سگهن. هن چيو ته ھن وقت تائين 8 هزار عورتن مفت اسڪوٽرن لاءِ درخواست ڏني آهي، جن مان 140 عورتن وٽ ڊرائيونگ لائسنس آهن. ڪي ايف سي عورتن کي ڊرائيونگ جي تربيت ڏيڻ ۽ لائسنس فيس ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن منصوبي لاءِ ٻوليون شفاف هونديون ۽ اسڪوٽر 100 سيڪڙو ميرٽ جي بنياد تي ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جلد ئي پنڪ ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪندي، جڏهن ته ايندڙ مهيني وڌيڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون پاڪستان پهچنديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جون پهريون اليڪٽرڪ بسون به سنڌ حڪومت متعارف ڪرايون آهن، هن چيو ته ملڪ تازو ئي هڪ وڏي جنگ کٽي آهي، هاڻي وقت آهي ته اسان سڀني کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃون. ان موقعي تي ڪي ايف سي، جي سي اي او رضا پير چيو ته اسان کي سنڌ حڪومت سان گڏ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي هن اهم منصوبي جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي. اسان چاهيون ٿا ته عورتن کي نه رڳو روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن پر کين باوقار زندگي گذارڻ جو پورو حق پڻ ڏنو وڃي.سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال حڪيم دايو ۽ ڪي ايف سي جي سي اي او رضا پير ڀائي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ سنڌ جي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.