ڪراچي-02 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان پاڪستان ۾ مقرر عراق جي سفير حامد عباس گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مذھبي سياحت ۽ زائرين کي سھولتن جي فراھمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو تھ عراقي سفير حامد عباس جون سفارتي خدمتون واکاڻ جوڳيون آھن. ھن چيو تھ پاڪستان عراق سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ عراق تاريخي، مذھبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ سلھاڙيل آھن. ملاقات جي پڄاڻي تي گورنر، عراقي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.