تهران-02 جون (اي پي پي) ايران چيو آهي ته پابندين بابت آمريڪي موقف ۾ هن وقت تائين ڪا تبديلي ناهي ڏٺي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي، گذريل ڏينهن هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. هن چيو ته هن کي اهو ڏسڻو پوندو ته پابندين بابت آمريڪي موقف ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته آمريڪي ڌر هاڻي تائين ان معاملي کي واضح ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان تي واضح ٿيڻ گهرجي ته ايراني عوام خلاف جابراڻي پابنديون ڪيئن هٽايون وينديون ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ماضي جي تجربن کي دهرايو نه وڃي.