اسلام آباد-02 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي ۾ 48، جيڪب آباد ۾ 47 ۽ دادو ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.