اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت موجب هڪ اعليٰ سطحي گهڻ پارٽي وفد 2 جون کان نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي، لنڊن ۽ برسلز جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 9 رڪني وفد جي قيادت پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ اطلاعات ۽ موسمياتي تبديلي واري اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر، واپار، دفاع ۽ پرڏيهي معاملن وارو اڳوڻو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سامونڊي معاملن وارو اڳوڻو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري ۽ سينيٽر بشريٰ انجم بٽ شامل آهن. وفد ۾ ٻه اڳوڻا پرڏيهي سيڪريٽريز، جليل عباس جيلاني جيڪو نگران پرڏيهي وزير طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ تهمينه جنجوعه پڻ شامل آهن. وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي جي قيادت ۾ ٻيو وفد 2 جون کان ماسڪو جو دورو ڪندو. وفدن جي دورن جو مقصد تازي ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ آهي. اهي وفد ڀارت پاران عالمي قانونن جي خلاف ورزي سميت لاپرواهي ۽ جارحاڻي قدمن کانپوءِ پاڪستان جي ذميواراڻي موقف کي اجاگر ڪندا ۽ ان ڳالهه تي روشني وجهندا ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي تڪرارن ۽ ٽڪراءُ تي ترجيح ڏيڻ گهرجي. بيان موجب وفد ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ عالمي برادري جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندا. سنڌ طاس معاهدي جي معمول جي ڪم کي فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت پڻ وفدن جي پهچ جو هڪ اهم موضوع هوندو. اهي وفد عالمي ادارن جي قيادت، پبلڪ آفيس هولڊرز، اعليٰ عملدارن، پارليامينٽ ميمبرن، ٿنڪٽينڪس ۽ ميڊيا سان گڏوگڏ ٻين ناليوارين شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندا.