ٽوڪيو -2 جون (اي پي پي ) جاپان ۾ 6.3 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا . پرڏيهي خابرو اداري مطابق جاپان جي موسمياتي ايجنسي ٻڌايو ته سومر ڏينهن صبح جو جاپان جي هوڪائيڊو جي اوڀرندي سمنڊ ڪناري تي 6.3 جي شدت جو زلزلو آيو. وڌيڪ چيو ويو ته زلزلو اونهائي ۾ هو جنهن جي شدت 7.4 جي هئي. زلزلي جا لوڏا جاپان جي هوڪا ئيڊو پريفيڪچر جي اوڀرندي علائقي ۾ تائيڪي ۽ يوراورو علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا .