اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ لامي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هلندڙ مهيني کانپوءِ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي سرگرمين جي موقعن تي ملاقاتون به ٿينديون.