اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي سهولتن لاءِ سعودي عرب جي حج واري وزير جو خاص ڌيان خوشي جوڳو آهي، سعودي حڪومت هر سال حج انتظامن ۾ نواڻ ۽ نيون سهولتون متعارف ڪرائي رهي آهي، پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي کاڌو، ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙو اظهار مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي حج 2025ع جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار محمد يوسف پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ بهترين سهولتن تي سعودي حج واري وزير جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ سعودي حج واري وزير جو خاص ڌيان خوشي جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ سعودي حڪومت هر سال حج انتظامن ۾ نواڻ ۽ نيون سهولتون متعارف ڪرائي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي کاڌو، ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن،سردار محمد يوسف چيو ته آئنده حج لاءِ روڊ ٽو مڪه پراجيڪيٽ جو دائرو پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو. ملاقات دوران سعودي جي حج ۽ عمري واري وزير چيو ته وزارت حج پانڌيئڙن کي ڊجيٽل سسٽم ذريعي سهولتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي، هن چيو ته منيٰ ۽ عرفات ۾ پاڪستاني حج پانڌئيڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مقدس ماڳن ۾ بهترين سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ نجي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. سعودي وزير چيو ته پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جو وڏو انگ اچي ٿو، انهن جي خدمت ڪرڻ اسان لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه آهي.