اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، ارشد نديم کي ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم جويلين ٿرو جي راند ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته ارشد نديم، فائنل سميت پوري چيمپيئن شپ ۾ بهترين راند پيش ڪئي، ارشد نديم جي ان شاندار ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو. صدر چيو ته سڄي قوم کي ارشد نديم جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر آهي، مستقبل ۾ به ارشد نديم جي ڪاميابين لاءِ دعاڳو آهيان.