ڪوئيٽا -31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ايشين ايٿليٽڪس چيمپئن شپ جي جويلين ٿرو جي مقابلن ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته ارشد نديم جي شاندار ڪارڪردگي جي عيوض قومي جهنڊي جو دنيا ۾ مانُ وڌايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم شاندار ڪاميابي تي ارشد نديم ۽ سڄي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ارشد نديم قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم جي محنت، لگن ۽ شاندار ڪاميابي نوجوان ايٿليٽڪس لاءِ هڪ شاندار مثال آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مستقبل ۾ توهان جي ڪاميابين جو اهو سلسلو جاري رهي.