اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ڪوئٽا پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽيءَ وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ڪوئٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جو دورو ڪندو ۽ گرينڊ جرڳي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر وزيراعظم سان گڏ هئا.