گومي- ڏکڻ ڪوريا (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ ڊجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فهد هارون ايشين ايٿليٽڪس
چيمپئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي هڪ تمغي کان وڌيڪ ڪاميابي آهي. ارشد نديم جي محنت ۽ عزم قوم جي اميدن جو مرڪز آهي. دل ۽ جذبي سان ڀرپُور سندس سفر پاڪستان جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو. ارشد نديم هڪ ڀيرو ٻيهر 24 ڪروڙ ماڻهن جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. هن چيو ته ارشد نديم 86.40 ميٽر جي طاقتور ٿرو سان هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکائي ڇڏيو آهي. هن ايشين ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽي نه رڳو ايشيا جي بهترين پر حقيقت ۾ دنيا جي عظيم ترين رانديگر هُجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. فهد هارون چيو ته اولمپڪ جي شان کان ويندي ايشيائي غلبي تائين ارشد نديم جو عروج نسلن کي متاثر ڪري ٿو. سندس ڪاميابيون عالمي ايٿليٽڪس ۾ پاڪستان جي موجودگي کي گهڻو اونچو ڪن ٿيون ۽ اسان کي اهي سڀئي ڪهاڻيون ياد ڏيارين ٿيون جيڪي اسان کي متحد ۽ ترقي طرف وٺي وڃن ٿيون. پنهنجي پيغام جي آخر ۾ هُن ارشد نديم کي هِن ناقابل فراموش لمحي تي مبارڪباد ڏني.