نيويارڪ _ 30 مئي (اي پي پي ) آمريڪي ناڻي واري وزير چيو آهي ته چين سان واپاري ڳالهيون دير جو شڪار آهن ۽ ان دير کي ختم لاءِ ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ مداخلت ڪري سگهن ٿا .پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا ڪجهه دير جو شڪار آهن ۽ صورتحال جي بهتري لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي صدر شي جن پنگ سان فون تي وڌيڪ ڳالهيون ڪري سگهي ٿو . هن يقين ظاهر ڪيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ چين سان وڌيڪ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون . آمريڪي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته اهو هڪ وسيع ۽ پيچيده معاملو آهي ۽ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ان تي اڳڀرائي کي بحال ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي صدرن کي هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي صدرن وچ ۾ لاڳاپا بهترين آهن . هن چيو ته کيس يقين آهي ته چين اسان سان ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويندو . واضع رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ۾ اچڻ بعد چين مان امپورٽ تي 145 سيڪڙو جي انتهائي بلند شرح سان محصول لاڳو ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ چين به هلندڙ مهيني جي شروع ۾ آمريڪي امپورٽ تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو هو.