هانگ ڪانگ / اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم چيو ته هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي سان اڄ انتهائي خوشگوار ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي. هن چيو ته اسان ”هڪ ملڪ، ٻه نظام“ جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.