اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي خصوصي انتظامي علائقي هانگ ڪانگ ۾ ثالثي بابت عالمي تنظيم جي ڪنوينشن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب دوران نائب وزيراعظم پاڪستان پاران ڪنوينشن تي صحيحون ڪيون. ان تاريخي موقعي تي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ثالثي بابت عالمي تنظيم جي تجويز ۽ ان جي قائم ٿيڻ جي چيني ويزن کي شاندار لفظن ۾ ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ڀارت پاران عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي، پاڪستان جي خلاف ان جي جارحيت، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ۽ حل نه ٿيندڙ تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير جي اثرن کي اجاگر ڪيو.