دوشنبي – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ شرانگيزي ڦهلائيندڙ فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لورالائي ۾ 4 دهشتگردن جيڪي بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ جي مختلف واقعن خاص طور تي اين – 70 ۾ 30 معصوم ماڻهن جي شهادت جي ذميوارن ۾ شامل هئا، کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم ضلعي ڪيچ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ وڌيڪ هڪ دهشتگرد کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀارتي پراڪسيز جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پاڪ فوج ڏينهن رات مصروف آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.