ڪراچي- 28 مئي (اي پي پي) يومِ تڪبير جي مناسبت سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته 28 مئي جي ايٽمي ڌماڪن جو پڙاڏو 10 مئي تي دشمن جي غرور کي خاڪ ۾ ملائڻ جي صورت ۾ ٻڌڻ ۾ آيو، اڄ جو ڏينهن سڄي قوم لاءِ فخر، عزم ۽ خودداري جي علامت آهي. گورنر 28 مئي 1998ع تي ٿيل ايٽمي ڌماڪن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي ضمانت قرار ڏيندي چيو ته يوم تڪبير اسان جي قومي تاريخ جو اهو سونهري باب آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته مئي جي مهيني ۾ پاڪستانين سان ٽڪرائڻ، پاڻ سان ٽڪرائڻ جي برابر آهي. گورنر، هندستان پاران 10 مئي تي ڪيل جارحيت جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن دشمن اسان کي آزمايو ته قوم جي جذبي ۽ اتحاد ان کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن سان قوم ۾ هڪ نئون روح، نئين اميد ۽ نئون حوصلو وڌو.گورنر ايٽمي سائنسدانن ۽ محب وطن قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سڄي قوم انهن عظيم شخصيتن کي قدر ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي جن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان معاشي ميدان ۾ به ڪاميابي جا ڏاڪا طئي ڪندو ۽ پاڪستان جي واپاري ترقي دنيا پنهنجن اکين سان ڏسندي. گورنر چيو ته خضدار ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي قوم جي حوصلن کي هارائي نه ٿي سگهي، دشمن پاڪستاني قوم جي اتحاد، ايمان ۽ قرباني جو عملي مظاهرو ڏسي چڪو آهي ۽ جيڪي قومون هڪ ٿي بيهن انهن کان دشمن ڏڪڻ لڳندو آهي. اسان جي شهيدن جا وارث اڄ به سربلند ۽ پرعزم آهن، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. گورنر نوجوان نسل کي مخاطب ٿيندي چيو ته نوجوانن کي ڄاڻڻ گهرجي ته هو هڪ خودمختيار، باوقار ۽ طاقتور رياست جا شهري آهي، پاڪستان ۾ آباد سڀ اقليتي برادريون مڪمل تحفظ ۽ آزادي سان زندگي گذاري رهيون آهن. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.