ڪراچي- 28 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه يوم تڪبير جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ملڪ جي ايٽمي سائنسدانن ۽ قومي قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آھي تھ يومِ تڪبِير پاڪستان جي دفاع کي فتح نھ ٿيڻ جوڳو بنائڻ جو ڏينھن آھي. 28 مئي ملڪي تاريخ جو اھو ڏينھن آھي جڏھن قوم جرئت ۽ غيرت جو علم بلند ڪيو. ھن چيو تھ يوم تڪبير قومي خودمختياري، استحڪام ۽ اتحاد جي عھد ياد ڏياري ٿو. پاڪستان جو ايٽمي طاقت بنجڻ دشمن کي واضح پيغام ھو. يوم تڪبير سائنسدانن، قيادت ۽ قوم جي گڏيل ڪاوشن جو ثمر آھي.