مڪه مڪرمه- 28 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته 28 ذوالقده تائين پرڏيهه مان آيل حاجين جو انگن 11 لک 2469 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ حاجي سڳورا هوائي رستي پهتا آهن جن جو انگ 10 لک 44341 آهي. هن چيو ته زميني رستي 53850 حاجي آيا جڏهن ته سمنڊ رستي ايندڙن جو انگ 4278 رهيو. وزارت چيو ته هي سڀ هڪ مربوط نظام تحت انجام ڏنو ويو آهي، جنهن جي نگراني حڪومت، سيڪيورٽي ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جا ماهر ڪري رهيا آهن.