اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) پاڪستان وزيراعظم نريندر مودي جي تازي بيان جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ائٽمي هٿيار رکندڙ رياست جي اڳواڻ جي حيثيت سان ڀارتي وزيراعظم کان سنجيدگي جي اميد ڪرڻ گهرجي پر هن ان جي بدران گجرات ۾ ريلي کي پنهنجي خطاب ۾ ٻيهر ڊرامي بازي ڪئي، ڀارتي وزيراعظم پاران ان موقعي تي تشدد تي اڀارڻ جو نفرت انگيز بيان نه رڳو پنهنجي مواد پر ان جي ڪري به ڳڻتي جوڳو آهي ته اهو خطي ۾ اڳ کان موجود عدم استحڪام جي صورتحال ۾ هڪ ٻيو خطرناڪ مثال آهي. ڀارتي قيادت پاران سنجيدگي ۽ معقوليت کان مسلسل پاسو ڪرڻ افسوسناڪ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت پاران اشتعال انگيز بيان بازي ۾ اضافي، علائقائي استحڪام ۽ پائيدار امن جي امڪانن کي نقصان پهچائڻ جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. بيان ۾ ڀارتي وزيراعظم جي اشتعال انگيز تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ان کي چونڊ مهم دوران هنيل ڀڙڪ قرار ڏنو ويو آهي. ترجمان چيو ويو ته ائٽمي هٿيار رکندڙ رياست جي اڳواڻ کان ان جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. ڀارتي وزيراعظم جي بيان ۾ نفرت تي ٻڌل تشدد جي دعوت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته خطي ۾ صورتحال اڳ ۾ ئي خطرناڪ آهي. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا بيان گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن جيڪي ميمبر ملڪن کي تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ ٻين رياستن جي خودمختياري يا سياسي آزادي جي خلاف ڌمڪي يا طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جو پابند ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جي ان بيان کي هڪ اشتعال انگيزي جي طور تي ڏسي ٿو جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ آبادياتي انجنيئرنگ تان ڌيان هٽائڻ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۾ اهم حصيدار جي طور تي پاڪستان جو رڪارڊ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي ڪوششن ۾ ان جو مسلسل تعاون ڪنهن به مخالف آواز کان وڌيڪ بلند آهي. ترجمان چيو ته جيڪڏهن انتهاپسندي واقعي ڀارتي حڪومت جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ته اهو بهتر ٿيندو ته هو ان ڳالهه جو جائزو وٺي ته ڀارت ۾ (گهڻائي جي بنياد تي فيصلن جي رجحان)، مذهبي عدم برداشت ۽ سفاڪاڻي هندوتوا نظريي تحت اقليتن کي منظم طريقي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ خودمختيار برابري تي ٻڌل امن جي لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 موجب هو پنهنجي سلامتي يا علائقائي سالميت جي لاءِ ڪنهن به خطري جو مقابلو مضبوط ۽ متناسب قدمن سان ڪندو. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي وڌندڙ بيان بازي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ڇو ته اهو علائقائي استحڪام ۽ پائيدار امن جي امڪانن جي لاءِ نقصانڪار آهي.