اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مسلسل ويڪسينيشن مهمن، موثر نگراني، هيلٿ ورڪرز جي جرئت جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسز ۾ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي، پوليو فري پاڪستان جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي مقصد سان ڪيل بزدلاڻي حملن ۾ جانيون قربان ڪندڙ پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اسان کي پوليو ورڪرز جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو، ان وقت تائين سُک سان نه ويهنداسين جيستائين پوليو جو مڪمل خاتمو نه ٿي وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پوليو جي خاتمي جي لاءِ ملڪ گير مهم تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 26 مئي کان پهرين جون تائين پاڪستامن هڪ ملڪ گير پوليو ويڪيسينشن مهم جي شروعات ڪئي آهي، پوليو مهم جو هدف 5 سالن کان گهٽ عمر جي 4 ڪروڙ 54 لک ٻارن کي حفاظتي ڦڙا پيارڻ آهي. صدر چيو ته ان مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ ورڪرز اسان جي شهرن، ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ گهر گهر وڃي زندگي بچائيندڙ پوليو جا ڦڙا پياريندا، اسان جي ان مهم جو مقصد پوليو جو مڪمل خاتمو ۽ قوم جو صحتمند مستقبل يقيني بڻائڻ آهي. صدر آصف علي زرداري والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پوليو ورڪرز جي لاءِ پنهنجا دروازا کولين ۽ پنهنجي ٻارن کي اهي زندگي بخش ڦڙا ضرور پيارين. صدر چيو ته اسان کي ويڪسين بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻو پوندو، آئون استادن، عالم سڳورن ۽ ڪميونٽي کي درخواست ڪريان ٿو ته ان مقصد جي حمايت ڪن، غلط فهمين جو خاتمو ڪن ۽ ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪن. هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪري ته پوليو ويڪسين محفوظ، موثر ۽ اسان جو سڀ کان طاقتور هٿيار آهي. صدر چيو ته آئون پنهنجي ڌيءَ ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو جنهن جي جدوجهد ۽ موثر مهم پوليو جي خلاف جنگ کي تيز ڪيو، آصفه ڀٽو زرداري جي والدين، ذي اثر سماجي شخصيتن ۽ نوجوانن کي اپيل اسان کي ياد ڏياري ٿي ته پوليو جو خاتمو اسان جي گڏيل ذميواري آهي. صدر چيو ته 90ع جي ڏهاڪي کان هيستائين پاڪستان پوليو جي خلاف شاندار اڳڀرڪائي آهي. هن نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته آئون انهن بهادر پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي هر ٻار تائين پهچڻ جي لاءِ پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهن ٿا. صدر چيو ته مسلسل ويڪسينيشن مهمن، موثر نگراني ۽ هيلٿ ورڪرز جي جرئت جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسز ۾ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي، پوليو جي خلاف جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، 2024ع ۾ پوليو ڪيسز ۾ اضافو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته اسان کي پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۽ لڏپلاڻ ڪندڙن تائين پهچ اڃا به هڪ چئلينج آهي، اسان کي ويڪسينيشن جي شرح کي بلند سطح تي برقرار رکڻو پوندو ته جيئن وائرس جو مڪمل خاتمو ممڪن ٿي سگهي، اسان ان وقت تائين سُک سان نه ويهنداسين جيستائين پوليو جو مڪمل نه ٿي وڃي. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائي سگهون ٿا، اچو، هر ٻار کي ويڪسين ڏيون ۽ پنهنجي قوم کي ان مفلوج ڪري ڇڏيندڙ وائرس کان بچايون.