اسلام آباد _ 27 مئي (اي پي پي)پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن عالمي ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 28 مئي اربع ڏينهن کيڏيو ويندو. اهو ميچ پاڪستاني معياري وقت مطابق رات جو 8 وڳي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندو، ميچ رات جو فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏيو ويندو. بنگلاديش جي ٽيم پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي -ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. بنگلاديش ٽيم جي قيادت لٽن داس ڪري رهيو آهي ۽ آل رائونڊر مهدي حسن نائب ڪپتان هوندو جڏهن ته ٻين اهم رانديگرن ۾ نجم الحسن شانٽو، پرويز حسين، راڊ حسين، سوميا سرڪار، شميم حسين، حسن محمود، شرفل السلام ۽ تنوير اسلام شامل آهن. پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي سلمان علي آغا ڪندو جڏهن ته ٻين اهم رانديگرن ۾ فخر زمان، صائم ايوب، حسن نواز، عرفان خان، محمد حارث، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، حسين طلعت، شاداب خان، ابرار احمد، حسن علي، محمد وسيم، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف شامل آهن.